خواجه نظام الدين اولياء جي مزار

خواجه نظام الدين اولياء جي مزار

خواجه نظام الدين اولياء

خواجه نظام الدين اولياء: خواجه نظام الدين اولياء 636 هه/ 1238ع ۾ بدايون ۾ پيدا ٿيو. سندس اباڻو وطن بخارا هو. سندس والد جو نالو خواجه احمد علي الحسيني هو. والدين سندس نالو سيد محمد رکيو. هيءُ اڃا پنجن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. سندس والده بيبي زليخا، انتهائي عبادتگذار ۽ همت واري عورت هئي، ان هن جي تربيت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. قرآن مجيد مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مولانا علاؤالدين صوليءَ کان فقھه جي تعليم حاصل ڪئي ۽ قدوريءَ جهڙو اهم ڪتاب مڪمل ڪيو. ٻارنهن سالن جي عمر تائين هن لغت، ادب ۽ فقھ ۾ قابل قدر دسترس حاصل ڪري ورتي. سورهن سالن جي عمر جو ٿيو ته وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي والده ۽ ڀيڻ سان گڏ دهلي هليو ويو. اتي شمس الملڪ خواجه شمس الدين خوارزمي، امام حديث رضي الدين حسن صاغاني ۽ ٻين عالمن کان شرعي ۽ فقهي علم حاصل ڪيائين.
خواجه نظام الدين هيئت ۽ هندسه جي علم ۾ دسترس حاصل ڪرڻ کان سواءِ علم منطق ۾ ايڏي مهارت حاصل ڪئي، جو شاگرد کيس ’منطقي‘ چوندا هئا.
هي تيز طبع ۽ فصيح البيان هو. بحث مباحثي ۾ ٻين تي حاوي رهندو هو. دهليءَ ۾ رهڻ دوران کيس اتفاق سان رهائش جي جڳهه شيخ نجيب الدين متوڪل جي پاڙي ۾ ملي. ان سان ملاقاتن ۾ اڪثر شيخ صاحب جي ڀاءُ بابا فريد الدين گنج شڪر جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. انهن ڳالهين سندس دل ۾ بابا فريدالدين جي ايتري محبت ۽ سڪ پيدا ڪئي، جو جڏهن هن 20 سالن جي عمر ۾ ظاهري علم مان فراغت حاصل ڪئي ته بابا فريدالدين گنج شڪر جي خدمت ۾ اجوڌن (پاڪ پتن) وڃي پهتو ۽ اتي 15 رجب 655هه/ 29 جولاءِ 1257ع تي سندس هٿ تي بيعت ڪيائين.
بابا صاحب کيس بيعت کان پوءِ تعليمي سلسلو جاري رکڻ جو چيو، جنهن تي خواجه صاحب نه رڳو بابا فريدالدين کان عوارف المعارف، ابوشڪور السالميءَ جي تمهيد ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن جو درس ورتو، پر سندس حڪم کي بجاآوريءَ ۾ سڄي زندگي علم حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو.
بابا فريدالدين جي زندگيءَ ۾ خواجه صاحب ٽي ڀيرا اجوڌن ۾ حاضر ٿيو ۽ اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو. 13 رمضان المبارڪ 659هه/ 11 آگسٽ 1261ع تي خواجه صاحب کي خلافت جو خرقو مليو، ۽ ابوشڪور السالميءَ جي ’تمهيد‘ پڙهائڻ جو اجازت نامو به مليو. ان موقعي تي بابا فريدالدين کيس نظام ’المـلـة الوالدين‘ جو لقب به ڏنو. جنهن کان پوءِ سندس لقب ’نظام الدين‘ مشهور ٿيو. بابا فريدالدين کيس ڪجهه وصيتون ڪري دهلي وڃڻ جو حڪم ڏنو.
بابا فريدالدين جي وفات وقت خواجه صاحب وٽس موجود نه هو، پر بابا فريدالدين پنهنجو جامو، مصلو ۽ عصا کيس ڏيڻ جي وصيت ڪئي، جيڪا ڳالهه بابا فريدالدين جي جانشينيءَ ۽ خواجه صاحب جي خاص مقام جو اشارو ڪري ٿي.
مرشد جي حڪم سان خواجه نظام الدين دهليءَ کي پنهنجو مستقل مرڪز ۽ مسڪن بڻايو. دهليءَ ۾ سندس 50 سالن جو هي زمانو ڏاڍو يادگار گذريو. اتي هن بلبن کان غياث الدين تغلق تائين جو دور پنهنجين اکين سان ڏٺو. ڪجهه حڪمرانن کيس ڪنهن نه ڪنهن نموني پريشان ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر هي بزرگ مستقل مزاجيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان اسلام جي اشاعت ۽ خلق جي خدمت ۾ مشغول رهيو. خواجه صاحب جا شروعاتي 20 سال سٺا گذريا. ابتدا ۾ اٽڪل ٻن سالن تائين امير خسرو جي ناني راوت عرض وٽ رهيو. امير خسرو ان وقت اٺن سالن جو هو. هڪ ڏينهن جڏهن امير خسرو ۽ ان جو نانو گهر ۾ موجود نه هئا ته امير خسرو جي مامن خواجه صاحب کي گهران ڪڍي ڇڏيو. اها رات خواجه صاحب هڪ ڪکائين مسجد ۾ گذاري. ان کان پوءِ هن غياث پور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هي جڳهه شهر جي هنگامن ۽ گوڙ کان پري هئڻ ڪري سندس طبيعت ۽ مزاج جي عين مطابق ثابت ٿي.
خواجه صاحب هميشه شاهي درٻار کان ڪناره ڪشي اختيار رکي. ڪجهه حاڪمن هن کي پنهنجي درٻار سان ڳنڍڻ چاهيو، پر ناڪام رهيا. جلال الدين خلجي (689هه/ 1290ع کان 695هه/ 1295ع)
خواجه صاحب کي هڪ ڳوٺ جاگير طور ڏيڻ چاهيو، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ سلطان پاڻ حاضري ڏيڻ چاهي، پر خواجه صاحب ان جي به اجازت نه ڏني. علاؤالدين خلجيءَ جو پٽ خضر خان، خواجه صاحب جو مريد هو. ان مناسبت سان بادشاهه به سندس عقيدتمند هو، پر سلطان طرفان حاضريءَ جي درخواست پهچڻ جي باوجود هن ساڻس ملڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ کيس اهو چوائي موڪليو ته ”غائباڻي دعا وڌيڪ مؤثر هوندي آهي.“
سلطان قطب الدين خلجي (716هه/ 1316ع کان 720هه/ 1320ع تائين) دهليءَ ۾ خواجه صاحب جو زور ٽوڙڻ لاءِ ملتان کان شيخ رڪن الدين سهرورديءَ کي گهُرايو، پر هنن ٻنهي بزرگن ۾ سٺا تعلقات پيدا ٿي ويا. ان بعد سلطان پنهنجي نئين تعمير ڪرايل مسجد ۾ سمورن عالمن ۽ مشائخن کي نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو، پر خواجه صاحب ان حڪم کي نه مڃيو. تنگ اچي سلطان هر چنڊ رات عالمن ۽ مشائخن کي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، پر خواجه صاحب درٻار ۾ حاضر ٿيڻ بدران پنهنجي خادم اقبال خان کي موڪليندو هو. جنهن تي بادشاهه کيس زوريءَ درٻار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو، پر بادشاهه چنڊ رات پنهنجي غلام خسرو خان هٿان مارجي ويو. اهڙي نموني غياث الدين تغلق
(720هه/ 1320ع کان 725هه/ 1325ع تائين) به خواجه صاحب جي مقبوليت سبب ساڻس وير رکيو. هن عالمن جي اسرار تي سماع واري مسئلي تي تغلق آباد ۾ هڪ مناظري ۾ خواجه صاحب کي مدعو ڪيو. خواجه صاحب قرآن ۽ سنت مان سماع جي حق ۾ وزندار دليل ۽ ڪڙا شرط بيان ڪيا. بادشاهه مقصد ۾ ناڪاميءَ تي گهڻو ڪاوڙيو ۽ هن بنگال مان خواجه صاحب ڏي حڪم ڏياري موڪليو ته سندس دهلي پهچڻ کان اڳ ئي شهر ڇڏي وڃي، پر ٿيو ائين ته تغلق آباد جو محل ڪِرڻ ڪري ان کان اڳ بادشاهه خود دنيا کي ڇڏي ويو.
غياث پور ۾ خواجه صاحب جمنا جي ڪناري تي ڪکائين ڇپر ۾ رهندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مريدن کان اجازت وٺي اتي ٽي منزله عمارت تعمير ڪرائي، جيڪا اڃا به همايون جي مقبري جي اتر ۾ موجود آهي. ان جي پهرين منزل ۾ خليفا رهندا هئا. ٻي منزل خواجه صاحب جي مجلس لاءِ مخصوص هئي ۽ ٽين منزل تي خواجه صاحب جي رهائش هئي. هڪ ڪمرو جامع مسجد جي پاسي ۾ به هو، جتي جمعي جي رات رهندو هو. خواجه صاحب جو وصال جمعي
18 ربيع الثاني 725هه/ 3 اپريل 1325ع تي ٿيو. وفات کان اڳ خادم کي گهر ۾ موجود هر شيءِ فقيرن ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏنائين. وصيعت موجب کيس دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني پڙهائي. سلطان محمد تغلق سندس قبر تي عاليشان مقبرو جوڙايو. سندس مزار اڄ به زائرين جي عقيدت جو مرڪز آهي.
خواجه نظام الدين اولياءَ صاحب تصنيف بزرگ هو. سندس ڪتابن ۾: ’فوائد الفواد‘، ’راحت المحبين‘، ’فصل فواد‘ ۽ ’سير الاولياء‘ شامل آهن. سندس ملفوظات جو مستند مجموعو ’فوائد الفواد‘ سندس مريد فارسيءَ جي مشهور شاعر حسن سنجريءَ ترتيب ڏنو.


لفظ خواجه نظام الدين اولياءھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1257.07.29  عيسوي

هن 20 سالن جي عمر ۾ ظاهري علم مان فراغت حاصل ڪئي ته بابا فريدالدين گنج شڪر جي خدمت ۾ اجوڌن (پاڪ پتن) وڃي پهتو ۽ اتي 15 رجب 655هه/ 29 جولاءِ 1257ع تي سندس هٿ تي بيعت ڪيائين.


1261.08.11  عيسوي

بابا فريدالدين جي زندگيءَ ۾ خواجه صاحب ٽي ڀيرا اجوڌن ۾ حاضر ٿيو ۽ اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو. 13 رمضان المبارڪ 659هه/ 11 آگسٽ 1261ع تي خواجه صاحب کي خلافت جو خرقو مليو، ۽ ابوشڪور السالميءَ جي ’تمهيد‘ پڙهائڻ جو اجازت نامو به مليو. ان موقعي تي بابا فريدالدين کيس نظام ’المـلـة الوالدين‘ جو لقب به ڏنو. جنهن کان پوءِ سندس لقب ’نظام الدين‘ مشهور ٿيو. بابا فريدالدين کيس ڪجهه وصيتون ڪري دهلي وڃڻ جو حڪم ڏنو.


1325.04.03  عيسوي

خواجه صاحب جو وصال جمعي 18 ربيع الثاني 725هه/ 3 اپريل 1325ع تي ٿيو. وفات کان اڳ خادم کي گهر ۾ موجود هر شيءِ فقيرن ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏنائين. وصيعت موجب کيس دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني پڙهائي. سلطان محمد تغلق سندس قبر تي عاليشان مقبرو جوڙايو. سندس مزار اڄ به زائرين جي عقيدت جو مرڪز آهي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه حسن بصري
عبدالله بن عمر رضه
شيث عه
حسن بن جابر رحه
عزير عليه السلام
زيد بن ثابت نجاري خزرجيرضه
حَسان بن ثابت
سلمان فارسي رضه
ام الفضلرضه
امام محمد باقر عليه السلام
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون